بسنت مکاري

بسنت مکاري (راڳڻي ):هيءَ مشر ميل راڳڻي آهي. ڀيرو ۽ ڀيروي ٺاٺ ملائي ٺاهي ويئي آهي. هن راڳڻيءَ کي پور وانگ ۾ ڀيرو وانگر ڳايو ويندو آهي ۽ اترانگ ۾ ڀيروي وانگر. ڀيرو جو نکاد تيور آهي، جڏهن ته هن جو نکاد ڪومل ٿئي ٿو. توڙي جو هن راڳڻيءَ کي گهٽ ماڻهو ڄاڻن ٿا پوءِ به ڳائڻ جي حساب ۾ سٺي راڳڻي آهي .
هن راڳڻي جي آروهي: سا را گي ما پا ڌا نا سا ۽ امروهيِ: سا نا ڌا پا ما گي را سا آهي، جڏهن ته وادي سُر ڌيوت ۽ سموادي سُر کرج آهي، ڳائڻ جو وقت صبح جو مقرر ٿيل آهي.(نوٽ: هن راڳڻيءَ جو راڳ ساگر جي ڀيروي ٺاٺ ۾ ڪو ذڪر نٿو ملي. )


هن صفحي کي شيئر ڪريو